ساهه کڻڻ جو سرشتو

ساهه کڻڻ جو سرشتو

ساهه کڻڻ جو سرشتو

ساهه کڻڻ جو سرشتو: ساهه کڻڻ انساني وجود لاءِ ضروري عمل آهي. سائنسي تحقيق مطابق انسان هڪ منٽ ۾ 18 ڀيرا ساهه کڻي ٿو. هي هڪ خودمختيار عمل آهي، جيڪو بنا سوچ ويچار جي ٿيندو رهي ٿو. مغزي مرڪز ڪنٽرول ۾ ساهه کڻڻ جو عمل مغز جي حوالي هوندو آهي. جيڪڏهن ان مرڪز کي ضرب آئي ته ساهه کڻڻ جو عمل هميشه لاءِ بيهي رهندو. مرڪز جا حڪم مغزي ڏوريءَ مان هلي ڳچيءَ وارين تنتن (3،4،5) کي پهچن ٿا، جن مان هڪ خاص تنت ساهه کڻڻ جي ٺهي ’پيٽ ڇهه‘ ۾ پکڙجي وڃي ٿي، جنهن کي ’پيٽ ڇهي تنت‘(Phrenic never) چئبو آهي. هيءَ سرشتو، پٺيءَ وارين مشڪن، پيٽ ڇهه ۽ پاسرين جي مـشـڪــن کـي تحـرڪ ڏيندو رهي ٿو. ساهه کڻڻ مهل هي مشڪون (Inter costal muscles) ٻنهي پاسن کان پاسرين کي مٿيرو ڇڪي سيني کان ٻاهر ڪڍنديون آهن. اونهي ساهه کڻڻ وقت ڳچيءَ ۽ ڇاتيءَ واريون مشڪون به سيني کي وڌيڪ ويڪري ڪرڻ ۾ مدد ڪنديون آهن. اهڙيءَ طرح پاسن توڙي تريءَ وٽان سيني جو خال ويڪرو ٿيڻ ڪري، ڦڦڙ به ڇڪجي ويڪرا ٿين ٿا ۽ ان ۾ هوا جو داٻ گھٽجڻ ڪري، ٻاهرين هوا پاڻمرادو اندر هلي ايندي آهي. هوا اندر کڻڻ واري عمل کي Inspiration چئجي ٿو، جيڪا هوا اندر ڪم آيل آهي، اها ٻاهر ڪڍجي ٿي، ان عمل کي وري Expiration سڏجي ٿو. رت لاڳيتو ڦڦڙن ۾ آڪسيجن کڻڻ ۽ ڪاربانڊاءِ آڪسائيڊ گئس ڇڏڻ لاءَ ايندو رهي ٿو، ڇاڪاڻ ته بدني اوڄن ۾ گرمي ۽ طاقت پيدا ڪرڻ لاءِ آڪسيجن جي ضرورت پوي ٿي، آڪسيجن کانسواءِ جيئرو رهڻ ناممڪن آهي. ساهه کڻڻ واري عمل ۾ جسم جا ڪيترا عضوا ڪم ڪن ٿا، جهڙوڪ: نڪ، نڙي، گلو، نڙگھٽ ۽ ان جو شاخون، ڦڦڙ ۽ پيٽ ڇهه.
(1) نڪ: ساهه نڪ توڙي وات مان کڻي سگھجي ٿو، پر نڪ مان ساهه کڻڻ ڪري ڪيترا فائدا ٿين ٿا.
(1) ناسن جي وارن مان هوا ڇڻي، مٽي ۽ ڪچري کان پاڪ ٿي جسم ۾ داخل ٿيندي آهي.
(2) نڪ اندر ڪيترائي وروراڪ آهن، جن مان هوا گذري، گرم ٿيندي آهي، جنهنڪري ڦڦڙ ٿڌي هوا جي ٺاريندڙ اثر کان بچيل رهن ٿا.
(3) ناسن جي بناوت سوڙهي ۽ ڊگھي ٿئي ٿي، جن مان هوا ڇڪجي اندر وڃڻ ڪري ڦڦڙن ۾ پيوند هوا جي هر هڪ ڳوٿريءَ ۾ پوريءَ طرح ڀرجي سگھي ٿي، ان ڪري ڪوبه ڦڦڙ يا ڀاڱو بيڪار يا هوا کان خالي نه ٿو رهي.
(4) نڪ ۾ سنگھڻ جي طاقت آهي، جيڪا وقت بوقت هوا جي معيار کان خبردار ڪندي رهي ٿي.
(5) وات مان ساهه کڻڻ ڪري ڪيتريون ئي وات جون غلاظتون ۽ جيوڙا، ڦڦڙن ۾ داخل ٿي کنگھه يا ٻيون بيماريون پيدا ڪري سگھن ٿا. ان کانسواءِ ڪليون ۽ ڪاڪڙو هميشه خراب رهندو آهي.
(2) نڙي (Pharynx) : نڪ ۽ وات جي پٺئين خال کي نڙي چئجي ٿو، جنهن مان وات کان کاڌو وڃي لڪيءَ ۾ پوي ٿو ۽ نڪ واري هوا گلي ۾ پوندي آهي. ڪڏهن ڪڏهن کاڌي جو ڪو ذرو وڃي گلي ۾ پوندو آهي ته هڪدم مونجھه ۽ کنگھه شروع ٿي ويندي آهي، جنهن ڪري عام طور چيو ويندو آهي ته ”کاڌو وڃي ٻيءَ نڙيءَ ۾ پيو آهي.“ ٻي نڙي هوا جي رستي کي چئجي ٿو، جنهن مان ساهه ڦڦڙن ۾ وڃي ٿو.
(3) گلو (Larynx) : گلو نڙگھٽ جي مٿئين ويڪري ڀاڱي کي چئبو آهي، جيڪو ڳچيءَ جي اڳ کان نڪتل نظر ايندو آهي. گلي اندر آواز جو انتظام هوندو آهي. هن ۾ توتاريءَ وانگر هڪ چير آهي، جنهن جي پاسن کان پردن جون ٻه تاڪيون (Racal cords) آهن، جن ۾ مشڪون لڳل هونديون آهن، ڦڦڙن مان ٻاهر نڪرندڙ هوا سان ٿلها ۽ سنها آواز ڪڍي سگھجن ٿا. زڪام جي ڪري گلي ۾ ريزش ٿيڻ سان چٽو ڳالهائڻ مشڪل ٿي پوندو آهي، اهڙي عمل کي عام طور ’نڙي ويهجي وڃڻ‘ چيو ويندو آهي. آواز کي سرلي ڪرڻ لاءِ هوا سان ڀريل ٻيا خال پڻ مدد ڪن ٿا. زڪام جي ڪري آواز گھگھو ٿي يا بدلجي ويندو آهي.
(4) نڙگھٽ (Trachea): ڳلي کان هيٺ نڙگھٽ شروع ٿئي ٿو. هيءُ پردن ۾ ويڙهيل لچڪدار ڪچڙي ڪنڊِ جي ڇلن جو ٺهيل هوندو آهي، جنهنڪري ٻوٽجي نه ٿو ۽ هن مان آسانيءَ سان هوا اندر ٻاهر اچي وڃي سگھي ٿي. ڇاتيءَ ۾ هن مان ٻه شاخون ڦٽي نڪرن، جن مان هڪڙي ڦڦڙ ۾ وڃي ٿي ۽ ٻيءَ مان وري بيشمار شاخون ٿي وينديون آهن، جيڪي هوا جي ڳوٿرين ۾ کٽڻ ٿيون. ٽريڪيا ۽ برانڪا ۾ اندر بلغمي پردي جو تهه آهي، جنهن ۾ ضرورت آهر بلغم جڙندو رهي ٿو. بلغم جي ڪري خشڪي نه ٿيندي آهي ۽ جيڪڏهن هوا ۾ مٽي يا ٻيو ڪچرو گھڻو آهي ته اهو به بلغم ۾ چنبڙي پوي ٿو.
(5) ڦڦڙ (Lungs): انساني جسم اندر ٻه ڦڦڙ ٿيندا آهن، جيڪي پاسرين اندر، دل جي ٻنهي پاسن کان بيٺل آهن. شڪل ۾ ٽڪنڊا آهن. سندن چوٽي مٿي ڳچيءَ وٽ ۽ ترو پيٽ ڇهه سان لڳل هوندو آهي. هر هڪ ڦڦڙ کي دل وانگر ٻه تهو غلاف چڙهيل هوندو آهي، جن کي ’پلورا‘ چئبو آهي. ٻنهي تهن جي وچ ۾ ٿورڙي مقدار ۾ پاڻيٺ موجود رهندي آهي، جنهنڪري ڦڦڙن کي ڦنڊڻ ۽ سسڻ ۾ اٽڪاءُ نه ٿو ٿئي. ڦڦڙ هوا جي نلين ۽ ڳوٿرين جا ٺهيل هوندا آهن، اهي ڳوٿريون تمام نازڪ پردي جون ٿين ٿيون، جن مٿان دل جي ساڄي خاني مان ايندڙ پلمونري آرٽريءَ جي وار نلين جون ڄاريون ٺهيل آهن، انهن وار نلين ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ گئس سان ڀريل رت دؤرو ڪندو آهي، جيڪو ڳوٿرين ۾ پيل تازي هوا مان آڪسيجن کڻي وٺندو آهي ۽ ڪاربان وڃي ڳوٿرين ۾ پوندي آهي، جيڪا ساهه کڻڻ سان ٻاهر ڪڍي ڇڏيندو آهي. اهڙيءَ طرح رت صاف ٿي هر هڪ ڦڦڙ مان ٻن نسن جي وسيلي کٻي ڪنوتيءَ ۾ پوي ٿو، جتان وري سموري بدن کي آڪسيجن پهچائي ڪاربان ميڙي اچي ڦڦڙن ۾ تازي هوا سان مٽاسٽا ڪري ٿو.
(6) پيٽ ڇهه (Diaphragm): هي هڪ ٿلهو ۽ مضبوط خشڪ پردو آهي، جيـڪـو سيني جي عضون، ڦڦڙن ۽ دل کي پيٽ وارن عضون کان ڌار ڪري ٿو. هيءُ شڪل ۾ گنبذ وانگر مٿي اڀريل ٿيندو آهي، جنهن تي دل ۽ ڦڦڙ جا ترا چھٽيل آهن. هن جو مکيه ڪم سيني جي خال کي سوڙهو ۽ ويڪرو ڪرڻ آهي، جنهنڪري ساهه کڄي سگھي ٿو.
(7) هڏڪي (Hiccough/ hiccup): ڪن سببن ڪري پاسرين واريون مشڪون ۽ پيٽ ڇهه برابر وقت تي ملي ڪم نه ڪندا آهن، جنهنڪري هوا اندر وڃڻ بدران زور سان ٻاهر ڌڪجي، آواز ڪري، نڪري ايندي آهي، جنهن مهل پاسرين واريون مشڪون ڪوئجي پاسرين کي مٿي کڻي سيني کي ڪشادو ڪنديون آهن ۽ هوا اندر وڃڻ جي ڪندي آهي ته اوچتو پيٽ ڇهه جي ڍري ٿيڻ سبب سندس قبي مٿي ڀڙڪو کائي هوا کي زور سان ڌڪي ٻاهر ڪڍندي آهي، اهڙي عمل کي هڏڪي چئبو آهي. پوءِ جڏهن پيٽ ڇهه پوري وقت تي پاسرين سان ملي ڪم ڪندو آهي ته هڏڪي به لهي ويندي آهي.
(8) هوا جا جزا (Composition of air): هوا جا مکيه ٽي جزا آهن: (1) آڪسيجن گئس، 21 ڀاڱا، (2) نائٽروجن گئس 79 ڀاڱا ۽ (3) ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ گئس جا فقط چار ڀاڱا آهن. نائٽروجن هڪ گئس آهي، جنهن جو ڪم فقط آڪسيجن کي ڇڊو ڪرڻ آهي، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن آڪسيجن خالص هوندي ته سڀ ڪجھه جلائي ڇڏيندي. ڪاربانڊاءِ آڪسائيڊ گئس وڻ استعمال ڪندا آهن ۽ جسمي ڪاربان هوا مان کڻي آڪسيجن موٽائي هوا ۾ اڇلي ڇڏيندا آهن. ساهه کڻڻ ڪري هوا جي آڪسيجن ۽ ڪاربانڊاءِ آڪسائيڊ گئس جي مقدار ۾ گھڻو فرق پوي ٿو. مثال طور:
گئس جو نالو تازي هوا ۾ ڦڦڙن مان نڪتل هوا ۾
آڪسيجن 96 ۽ 20 40 ۽ 16
نائٽروجن 00 ۽ 79 19 ۽ 79
ڪاربانڊاءِ آڪسائيڊ 04 41 ۽ 4


هن صفحي کي شيئر ڪريو